ڪوئيٽا: ڇنڇر 18 آگسٽ 2018ع: بلوچستان عوامي پارٽي جو ڄام ڪمال خان صوبي جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو آهي.
بلوچستان اسيمبلي جي نئين قائد ايوان لاءِ اجلاس نئين چونڊيل اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي وڏي وزير ثناءُ الله زهري پنهنجي ميمبرشپ جو حلف کنيو. صوبي ۾ وڏ وزارت لاءِ بلوچستان عوامي پارٽي جي ڄام ڪمال خان جو مقابلو متحده مجلس عمل جي مير يونس عزيز زهري سان ٿيو.
اسپيڪر قائد ايوان جي چونڊ لاءِ ٻه لابيون ٺاهيون، جنهن ۾ ڄام ڪمال کي ووٽ ڏيڻ لاءِ لابي اي ۽ يونس زهري لاءِ لابي بي جوڙي وئي. ان موقعي تي دلچسپ صورتحال ڏسڻ ۾ اها آهي ته ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ثناءُ الله زهري ڄام ڪمال خان کي ووٽ ڏنو.
ووٽنگ وارو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسپيڪر نتيجن جو اعلان ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسيمبلي ۾ مجموعي طور تي 59 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، جنهن ۾ ڄام ڪمال کي 39 ووٽ مليا، جڏهن ته يونس زهري 20 ووٽ حاصل ڪيا. اهڙي ريت ڄام ڪمال خان صوبي جو 17هون وڏو وزير چونڊجي ويو.