عمران خان جي زندگي جي لاهن چاڙهن تي هڪ نظر

news

 اسلام آباد: ڇنڇر 18 آگسٽ 2018ع: 1992ع ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي فاتح ڪپتان جي حيثيت سان ٽرافي حاصل ڪندي عمران خان کي ڏسي شايد ڪنهن اهو سوچيو به نه هوندو ته هي شخص هڪ ڏينهن پاڪستان جي واڳ سنڀاليندو. 17 آگسٽ 2018ع تي عمران خان نيازي پاڪستان جو 22هون وزيراعظم چونڊجي چڪو آهي، جنهن اڄ ملڪ جي 22هين وزيراعظم جو حلف پڻ کڻي ورتو آهي. عمران خان نيازي جي سياسي ۽ ذاتي زندگي ۾ ڪيترائي لاڙها چاڙها آيا پر هن ڪڏهن به همٿ نه هاري.

25 نومبر 1952ع ۾ لاهور ۾ اک کوليندڙ عمران خان پشتونن جي مشهور قبيلي نيازي سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته سندس ماءُ شوڪت خانم اڪثر ميانوالي ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. هو اڪرام الله خان نيازي جو اڪيلو پٽ آهي. عمران خان شروعاتي تعليم لاهور ۾ ڪيٿڊرل اسڪول ۽ ايچيسن ڪاليج لاهور مان حاصل ڪئي. ان کان اڳ هو اعليٰ تعليم لاءِ برطانيا هليو ويو ۽ اتي رائل گرامر اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. 1975ع ۾ برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان فلاسافي، سياسيات ۽ معاشيات جي مضمونن ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. عمران خان بريڊ فورڊ يونيورسٽي برطانيا جي چانسلر طور خدمتون نڀائي رهيو آهي. عمران خان کي پاڪستان حڪومت پاران صدارتي ايوارڊ به مليو. ان کان سواءِ 1992ع ۾ کيس انساني حقن جو ايشيا ايوارڊ ۽ حلال امتياز به عطا ڪيو ويو.

عمران خان پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات 1971ع ۾ 18 سالن جي ڄمار ۾ انگلينڊ خلاف مئچ سان ڪئي ۽ جلد ئي ٽيم ۾ هڪ آل رائونڊر جي حيثيت سان جڳهه ٺاهي ورتي. هو نه رڳو هڪ بهترين فاسٽ بالر هو پر هن بهترين بيٽنگ جي ذريعي به سڀني کي متاثر ڪيو جڏهن ته کيس ان وقت وڌ ۾ وڌ شهرت ملي، جڏهن 1982 ۾ هو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ٿيو. عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو 1992ع ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽيو، ان کان پوءِ عمران خان ڪرڪيٽ کي ڇڏي ڏنو، پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ عمران خان پاڪستان لاءِ 88 ٽيسٽ مئچون کيڏيون ۽ 37.69 جي سراسري سان 3 هزار 807 رنسون ٺاهيون. اڳوڻي ڪپتان 175 ون ڊي مئچن ۾ به پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ 182 وڪيٽون حاصل ڪيون. 2010ع ۾ عمران خان کي آءِ سي سي جي آل آف فين ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪو هي اعزاز حاصل ڪرڻ وارو چوٿون پاڪستاني آهي.

news-details