سنڌ جي ڪابينا ۾ شامل اٺن وزيرن حلف کڻي ورتو

news

ڪراچي: آچر 19 آگسٽ 2018ع: سنڌ ڪابينا ۾ شامل 8 وزيرن حلف کڻي ورتو آهي جڏهن ته 2 صلاحڪارن جو نوٽيفڪيشن سڀاڻي جاري ڪيو ويندو.

رپورٽ موجب سنڌ ڪابينا جي نئين چونڊيل 8 وزيرن حلف کڻي ورتو آهي، حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني نون چونڊيل وزيرن کان حلف ورتو جن ۾ عذرا پيچوهو، سعيد غني، شهلا رضا، اسماعيل راهو، هري رام، شبير بجاراڻي، سيد سردار شاهه ۽ مخدوم محبوب الزمان شامل آهن.

ڪابينا ۾ بيرسٽري مرتضيٰ وهاب ۽ محمد بخش مهر کي صلاحڪار جي طور تي شامل ڪيو ويو آهي ۽ سندس صلاحڪار طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.