بلوچستان ۾ عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن به موڪل جو اعلان

news

 ڪوئيٽا: اڱارو 21 آگسٽ 2018ع: بلوچستان حڪومت عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن 24 آگسٽ تي به عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.

بلوچستان حڪومت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق 24 آگسٽ تي به عام موڪل هوندي، اها موڪل عيدالاضحيٰ جي ٽئين ڏينهن جي ڪري ڏني وئي آهي، ان ڏينهن به صوبي جي ماتحت هيٺ هلندڙ کاتا ۽ تعليمي ادارا بند رهندا.

واضح رهي ته وفاقي حڪومت 21 آگسٽ کان 23 آگسٽ تائين عيدالاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪيو آهي.