بلوچستان جي ڏهه ميمبرن تي ٻڌل ڪابينا حلف کڻي ورتو

news

 ڪوئيٽا: سومر 27 آگسٽ 2018ع: بلوچستان جي 10 ميمبرن تي ٻڌل ڪابينا حلف کڻي ورتو آهي. رپورٽن مطابق بلوچستان ڪابينا جي حلف برداري واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي.

حلف برداري جي تقريب ۾ بلوچستان ڪابينا جي 10 وزيرن زمرڪ خان اچڪزئي، نور محمد دمڙ، نواب زاده طارق مگسي، مير ضياءَ لانگو، ظهور احمد بليدي، نصيب الله مري ۽ سردار صالح ڀوتاڻي بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي کان وزارتن جو حلف ورتو.

حلف برداري جي تقريب ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال عالياني، عوامي نيشنل پارٽي جي پارلياماني اڳواڻ اصغر خان اچڪزئي، هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه عبدالخالق هزاره، قومي اسيمبلي جي ميمبر مير خالد خان مگسي، اسيمبلي ميمبرن ملڪ نعيم بازئي، مير گهرام خان بگٽي ۽ ٻين قبائلي ۽ سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي.