ايران آمريڪي پابندين خلاف عدالتي جنگ شروع ڪري ڇڏي

news

ايمسٽرڊيم: اڱارو 28 آگسٽ 2018ع: ايران آمريڪا طرفان لاڳو پابندين خلاف انصاف جي عالمي عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي.

عالمي خابرو اداري موجب ايران آمريڪي پابندين خلاف عالمي انصاف واري عدالت ۾ پنهنجو ڪيس پيش ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ آمريڪا طرفان لاڳو پابندين کي انصاف جي منافي قدم قرار ڏيندي پابندين کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ايران جي ڪيس جي ٻڌڻي چار ڏينهن جاري رهندي ۽ ان جو فيصلو هڪ مهيني ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

انصاف جي عالمي عدالت ۾ ايران جي وڪيل محسن محبي موقف اختيار ڪيو آهي ته آمريڪا ايران جوهري معاهدي مان ڪڍڻ کانپوءِ سخت اقتصادي پابنديون لاڳو ڪري رکيون آهن، جوهري توانائي معاهدي جي تجديد ۾ آمريڪا اٽڪيو ۽ ناڪامي تي ان معاملي کان پاڻ کي الڳ ڪيو جڏهن ته ٻيون عالمي طاقتون ان معاهدي سان جڙيل رهيون.

ايراني وڪيل وڌيڪ چيو ته ايران جوهري معاهدي بابت پيدا ٿيندڙ تڪرار جو سفارتي حل ڳولڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو، آمريڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ 1955ع ۾ ٿيندڙ معاهدي جي به ڀڃڪڙي ڪئي ۽ هڪطرفيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.