ڊاڪٽر عذرا پيچوهو پاران جيڪب آباد جي مختلف اسپتالن جو دورو

news

جيڪب آباد:جمعو 07 سيپٽمبر 2018ع: صوبائي وزير سنڌ براءِ صحت ڊاڪٽر عذره پيچوهو پاران جيڪب آباد جي مختلف اسپتال جو دورو ڪيو ويو، صوبائي وزير سنڌ ڊاڪٽر عذره پيچوهو سول اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي سميت ٻيا نظام بهتر نه هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ڊاڪٽر عذره پيچوهو جيڪب آباد انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز(جمس) اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو پڻ ڪيو ۽ جمس جي انتظام تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته جمس ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذره پيچوهو جمس جي بورڊ آف گورننس جي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ جمس ۾ پيش ايندڙ مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه سميت اهم فيصلا ڪيا ويا.

ان کان اڳ ڊاڪٽر عذره پيچوهو پي پي ايڇ آءِ جي انتظام هيٺ هلندڙ ماءُ ۽ ٻار جي صحت واري مرڪز جعفرآباد جي دوري دوران به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سينٽر تي مريضن کي چڱي نموني نه ڏسڻ جون شڪايتون وصول ٿي رهيون، جن تي ايڪشن ورتو ويندو.

هوڏانهن آخر ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذره پيچوهو جکراڻي هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪب آباد جي سول اسپتال تي پئسو لڳائڻ ذيان ڪرڻ برابر آهي، سول اسپتال ۾ انتظام ان ڪري به بهتر نه پيا ٿين، ڇاڪاڻ ته ان جي ڀرسان ئي هڪ بهترين ادارو هلي رهيو آهي، ماڻهو سول اسپتال بدران جمس ۾ علاج ڪرائن ٿا، جمس ۽ سول اسپتال بابت ڪجهه اهم فيصلا ورتا ويندا.

هن چيو ته جمس ۾ ڊاڪٽر سميت ٻئي اسٽاف جي کوٽ آهي، جمس ۾ وڌيڪ اسٽاف جي ڀرتي بابت ويچاري رهيا آهيون ۽ جيڪب آباد ۾ به دل جي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي کولي ويندي. سڄي سنڌ اندر ڪيترائي ڊاڪٽر آهن، جيڪي سرڪاري نوڪري باوجود پنهنجي اسپتال ۾ موجود نه ٿا رهن ۽ پاڪستان کان ٻاهر وڃي خانگي ميڊيڪل سينٽرن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن جي پڪڙ لاءِ بائيوميٽرڪ سسٽم جو آغاز ڪيو ويندو، جنهن سان پٽيوالي کان ويندي ڊاڪٽر تائين سمورو عملو پڌرو هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار صحت ۽ تعليم واتي شعبن ۾ بهتري آڻڻ چاهي ٿي، سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتون نه هئڻ سبب ماڻهو خانگي اسپتالن ڏانهن وڃن ٿا. سنڌ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جهڙا اداره قائم ڪيا پيا وڃن، جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي، ايم اين اي به پنهنجو علاج اين آءِ سي وي ڊي ۾ علاج ڪرائن ٿا ڇاڪاڻ ته اهڙيون سهولتون ڪنهن به خانگي اداري ۾ نه آهن.

ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر ۽ اڳوڻو وفاقي وزير مير اعجاز حسين جکراڻي، پ پ پ ضلعي اطلاعات سيڪريٽري مير رحمت الله خان کوسو سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.01