خواندگي جو عالمي ڏينهن: پاڪستان اُڻهٺ سيڪڙو تي بيٺل

news

 اسلام آباد: ڇنڇر 08 سيپٽمبر 2018ع: خواندگي جو عالمي ڏهاڙو اڄ ملڪ سميت پوري دنيا ۾ ملهائجي رهيو آهي، جنهن ۾ خواندگي جي شرح وڌائڻ  ۽ هر ٻار کي تعليم ڏيارڻ لاءِ  سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن طرفان جاڳرتا ريليون، سيمينار، چٽا ڀيٽي ۽ ٻيا جاڳرتا پروگرام منعقد ڪيا ويندا آهن. گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسيف طرفان هر سال ملهائجندڙ خواندگي جي عالمي ڏهاڙي کي دنيا ۾ گڏيل قومن جي اڪثريت وارن ميمبر ملڪن طرفان گڏيل طور تي ملهايو پيو وڃي.

خواندگي جي وصف اها آهي ته ڪوبه ماڻهو پني يا ڪنهن ٻئي هنڌ لکيل تحرير کي پڙهي ان جو مقصد سمجهي يا سمجهائي سگهي.  قومن جي اداري يونيسيف جي انگن اکرن مطابق دنيا  ۾ سڀ کان وڌيڪ خواندگي وارو ملڪ ترڪي آهي جتي ملڪ ۾ جي ڊي پي جو 6 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو ويندو آهي، جتي خواندگي جي شرح سئو سيڪڙو آهي، جڏهن ته سارڪ ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ خواندگي وارن ملڪن ۾ سريلنڪا پهرئين نمبر تي آهي، جنهن جي خواندگي شرح 85 سيڪڙو آهي، جڏهن ته بنگلاديش ۽ هندستان جي خواندگي شرح پاڪستان جي خواندگي شرح کان وڌيڪ مٿانهين نمبر تي آهن.

هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان جي خواندگي جي شرح 59 سيڪڙو آهي، جنهن تي پڻ حڪومتي توڙي عالمي ادارا متفق نه آهن،  ملڪ جي 59  سيڪڙو  خواندگي مان به 72 سيڪڙو مرد ۽  38 سيڪڙو عورتن جو شامل آهي، جنهن مان پنجاب ۾ خواندگي 61.77 سيڪڙو آهي، جنهن ۾ مرد 70.40 سيڪڙو ۽ عورتون 53.26  سيڪڙو آهي، سنڌ ۾ خواندگي جي شرح  61.38 سيڪڙو آهي جنهن ۾ مردن جي تعليم جي شرح 73. 05 سيڪڙو آهي، جيڪا پوري ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو وڌيڪ آهي جڏهن ته عورتن جي خواندگي جي شرح  35.06  سيڪڙو آهي، خيبر پختون خواهه ۾ 53.16 سيڪڙو خواندگي آهي، جنهن  ۾ مردن جي خواندگي جي شرح 72.08 سيڪڙو ۽ عورتن جي 38.06 سيڪڙو آهي، بلوچستان ۾ خواندگي جي شرح  51.84 سيڪڙو آهي،  جتي مردن ۾ 70.30 سيڪڙو ۽ عورتن ۾  28.70 سيڪڙو آهي.

هن وقت پوري پاڪستان ۾ 76 لک ٻار جن جي عمر 5 کان 9 ورهيه آهي اهي اسڪول وڃڻ کان قاصر آهن. رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ خواندگي لاءِ ملڪ جي جي ڊي پي جي 2.2 سيڪڙو رقم رکي ويندي آهي، جيڪا آبادي جي ڀيٽ ۾ نه هئڻ برابر آهي، پوري ملڪ جي ٻارڙن تي تعليم جي خرچ لاءِ هڪ سال ۾ صرف سوا رپئي کان به گهٽ رقم خرچ ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ملڪ جي ٻهراڙين ۾ خواندگي شرح 20 کان 25 سيڪڙو آهي، جنهن کي هن مڪمل زرعي ملڪ لاءِ افسوسناڪ  ۽ ھاڃيڪار قرار ڏنو ويو آهي.  هڪ سروي مطابق  پوري ملڪ ۾ وڌ ۾ وڌ پڙهيل ڳڙهيل عورتون سنڌ ۽ پنجاب ۾ آهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ پڙهيل مرد توڙي عوتون بلوچستان ۾ آهن،  وڌ ۾ وڌ پڙهيل مرد سنڌ ۾ آهن.

عالمي ادارن جي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ جيڪڏهن هڪ سال ۾ هڪ سئو ٻار اسڪول ۾ داخل ڪيا وڃن ٿا ته انهن مان 50 سيڪڙو ٻار 5 درجا به تعليم پوري ڪرڻ کان اڳ ئي اسڪولن مان نڪري وڃن ٿا. جڏهن ته  انهن  50 سيڪڙو ٻارڙن مان  10 سيڪڙو به  يونيورسٽين تائين ٻار پهچي نه ٿا سگهن.  هوڏانهن هڪ ٻي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ هن وقت جيڪي ٻار اسڪول نه ٿا وڃن انهن جو انگ پوري دنيا ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارڙن جو پنجون حصو شمار ڪيو وڃي ٿو،  جڏهن ته گذريل حڪومت طرفان ايم ڊي جي 2020ع تائين ملڪ ۾ خواندگي جي شرح 88 سيڪڙو  ڪرڻ مقصد رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ خواندگي جي شرح گهٽ هجڻ ڪري تيزي سان  آبادي جو انگ وڌڻ سبب جهالت، اڻبرابري، اڻ سهپ، عدم برداشت، انتهاپسندي، احساس محرومي، غير ذميواري جا رويا وڌڻ سان گڏ بي روزگاري، صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ، رهائش، پيئڻ جي صاف پاڻي، ماحوليات جي آلودگي، خوبصورتي جي تباهي، رشتن جي تقدس جي پائمالي سميت انيڪ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، ان ڪري حڪمرانن کي فوري طور تي تعليم واري بجيٽ ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪرڻ گهرجي، خانگي تعليمي ادارن جي قائم ڪرڻ تي پابندي وجهي موجود خانگي ادارا سرڪار جي تحويل ۾ ورتا وڃن، تعليمي ادارن ۾ سياسي  مداخلت توڙي سياست تي پابندي مڙهي وڃي، پوري ملڪ ۾ امير ۽ غريب لاءِ تعليم برابر ڪئي وڃي، تعليمي نصاب ۾ نائين ڪلاس کان جنسي ڄاڻ بابت مضمون شامل ڪيو وڃي.