ڪوئيٽا ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، عورت سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا

news

 ڪوئيٽا: ڇنڇر 08 سيپٽمبر 2018ع: ڪوئيٽا ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا مارجي ويا آهن.

رپورٽن مطابق ڪوئيٽا ويجهو بوستان ۾ اوچتو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ شڪيل، عبدالواحد ۽ هڪ عورت مارجي وئي. ضلعي انتظاميا اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. لاڳاپيل انتظاميا واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.