ڏکڻ سوڊان ۾ مسافر جهاز تباهه، سترنهن ڄڻا فوت

news

خرطوم: آچر 09 سيپٽمبر 2018ع: ڏکڻ سوڊان ۾ هڪ ننڍو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 17 ماڻهو فوت ٿي ويا.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب جوبا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان اڏام ڀريندڙ مسافر جهاز پنهنجي منزل يرول شهر طرف اڏام ڪري رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي درياهه ۾ وڃي ڪريو.

جهاز ۾ عملي جا 3 ميمبر ۽ 19 مسافر سوار هئا، حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 17 ڄنن جي لاشن کي درياهه مان ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته ٻن ڄڻن کي زندا ريسڪيو ڪيو ويو جڏهن ته 3 ڄڻا اڃان به گم آهن جن جي ڳولا جاري آهي، اطلاعن موجب جهاز ۾ 3 ٻار به سوار هئا.

سڌ سماءَ واري وزير ميڊيا کي ٻڌايو ته زندا بچندڙ شخص اطالوي ڊاڪٽر آهي جيڪو هڪ فلاحي تنظيم سان لاڳاپيل آهي ۽ ان کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي، سول ايوي ايشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته فوري طور تي حادثي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو.