گئس ڪمپنين جو مطالبو رد: حڪومت پاران ترت قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو

news

 اسلام آباد: سومر 10 سيپٽمبر 2018ع: اقتصادي رابطا ڪاميٽي ترت گئس جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي. اجلاس ۾ گئس جون قيمتون نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن مطابق اقتصادي رابطا ڪميٽي قيمتن ۾ واڌ لاءِ گائيڊ لائين طئي ڪندي، جڏهن ته گئس جي قيمتن جو حتمي فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو.

اجلاس ۾ ڀاڻ فيڪٽرين کي 50 سيڪڙو مقامي گئس ۽ 50 سيڪڙو ايل اين جي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايل اين جي جو 50 سيڪڙو بل ڀاڻ فيڪٽريون ۽ 50 سيڪڙو حڪومت ادا ڪندي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سموريون ڀاڻ فيڪٽريون پوري صلاحيت مطابق ڀاڻ پيدا ڪنديون، جڏهن ته يوريا ڀاڻ پوري ڪرڻ لاءِ ڀاڻ درآمد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته گئس ڪمپنين قيمتن ۾ سئو سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪري رکيو آهي.