آسٽريليا جي هڪ گهر مان پنج ڀاتين جا لاش هٿ، اطلاع ڏيندڙ گرفتار

news

 پرٿ: سومر 10 سيپٽمبر 2018ع: آسٽريلوي پوليس هڪ گهر مان ماءُ ۽ ڏاڏي سميت 5 ماڻهن جا لاش هٿ ڪري ورتا.

فرانسيسي نشرياتي اداري موجب پوليس پٿر جي ڀر واري علائقي ۾ هڪ گهر مان 5 ماڻهن جا لاش قبضي وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ 20 سالن جي شخص اطلاع ڏنو هو ته گهر ۾ 5 ماڻهن جا لاش موجود آهن.

پوليس موجب قتل ٿيل ماڻهن ۾ ٽي معصوم ٻارڙيون جن ۾ ٻن سالن جون جاڙيون ڀينرون، هڪ ٽن سالن جي ٻارڙي، سندن ماءُ ۽ ڏاڏي شامل آهن.

واضح رهي ته پوليس اطلاع ڏيندڙ شخص کي وڌيڪ جاچ لاءِ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.