نائن اليون: دنيا جي تاريخ بدلائيندڙ تاريخ

news

 حيدرآباد: اڱارو 11 سيپٽمبر 2018ع: 11 سپٽمبر 2001ع اها تاريخ آهي جڏهن دهشتگردن آمريڪي ترقي جي سڃاڻپ ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي نشانو بڻايو ۽ نيويارڪ جي مٿي جو  ٽِڪو ورلڊ ٽريڊ سينٽر ڏسندي ئي ڏسندي مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو، پر ان سان گڏ ئي دنيا جي تاريخ  به بدلجي وئي.

نائن اليون واري واقعي کي 17 سال گذري چڪا آهن، پر ان حملي کانپوءِ شروع ٿيندڙ ويڙهه جي باهه اڃا تائين وسامي ناهي سگهي. ان ڏينهن تي آمريڪي ايئر لائن جا 2 مسافر جهاز 18 منٽن جي وقفي سان ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٻنهي عمارتن سان ٽڪرايا هئا، ان واقعي ۾ لڳ ڀڳ 3 هزار انساني زندگيون موت جو کاڄ بڻيون. ان حملي کان ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي اُن وقت جي صدر جارج بش دهشتگردي خلاف جنگ جو اشارو ڏنو، جنهن جي شروعات 7 آڪٽوبر تي افغانستان ۾  ”آپريشن اينڊيورنگ فريڊم“ جي نالي سان ڪئي وئي. نائين اليون حملن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ پاڪستان آمريڪا جو سڀ کان اهم ۽ دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن اتحادي بڻجي سامهون آيو.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف جتي افغان طالبان خلاف آمريڪي ۽ نيٽو سپلاءِ لاءِ پاڪستاني سرحدون کولي ڇڏيون، اتي ئي قوم کي ٻڌائڻ کانسواءِ پاڪستاني هوائي اڏا ۽ ٻيون عسڪري سهولتون پڻ آمريڪا کي ڏنيون. بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جا هوائي اڏا ۽ ايئراسٽرپس سان نه رڳو ويڙهاڪ جهازن ۽ ڊرونن ذريعي سڌو سنئون افغان طالبان تي حملا ڪيا ويندا هئا پر انهن ئي سهولتن سان پاڪستان جي پڻ جاسوسي ٿيندي رهي. ايتريون سهولتون ڏيڻ باوجود به ڪڏهن پاڪستان کان ”ڊومور“ جو مطالبو ڪيو ويو ته ڪڏهن ”ڪوليشن سپورٽ فنڊ“ روڪي پاڪستان کي بليڪ ميل ڪيو ويو. ايسيتائين جو پاڪستان تي ڪڏهن طالبان جي حمايت ته ڪڏهن وري ڪوليشن سپورٽ فنڊ جي غلط استعمال جا الزام پڻ مڙهيا ويا.

  پاڪ_ آمريڪا لاڳاپن جي ڏار آمريڪي سي آءِ اي اهلڪارن جي ڌڙا ڌڙ آمد سان پوڻ شروع ٿي ۽ بي اعتمادي وڌڻ لڳي. سي آءِ اي ڪانٽريڪٽر ريمنڊ ڊيوس هٿان لاهور ۾ ٻن ماڻهن جي قتل، القاعدا سربراهه اسامه بن لادن جي ڳولا لاءِ ڊاڪٽر شڪيل آفريدي ذريعي پوليو ٽوڙ مهم جي آڙ ۾ جاسوسي ۽ پوءِ ايبٽ آباد آپريشن، سلالا پوسٽ تي نيٽو هٿان 24 پاڪستاني فوجين جو شهيد ٿيڻ ۽ پوءِ نيٽو سپلاءِ تي بندش سان پاڪ_آمريڪا لاڳاپا خراب کان خراب تر ٿيندا ويا. گذريل ڪيترن کي ورهين کان آمريڪا پاڪستان تي دهشتگردي خاص طور حقاني نيٽ ورڪ کي محفوظ پناهه گاهون ڏيڻ جا الزام مڙهي رهيو آهي اتي ئي هاڻي 17 ورهين کان هلندڙ افغان جنگ جي ناڪامي جو ذميوار پڻ پاڪستان کي قرار ڏنو پيو وڃي ۽ ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هلندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيا، جڏهن پهرين جنوري تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته اسان گذريل 15 سالن دوران پاڪستان کي 33 ملين ڊالر امداد ڏئي ڪري چريائي ڪئي جڏهن ته بدلي ۾ پاڪستان اسان کي ڌوڪي ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو.

ان کانپوءِ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پڻ پاڪستان جي سيڪيورٽي سهڪار معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پاڪستان کي مذهبي آزادي جي مبينا سنگين ڀڃڪڙي ڪندڙ ملڪن بابت خاص واچ لسٽ ۾ پڻ شامل ڪرايو ويو.