ڪراچي ۾ ڊمپر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، ٽي ڄڻا فوت

news

 ڪراچي: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع: ڪراچي ۾ ناردرن باءِ پاس وٽ ڊمپر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 نوجوان فوت ٿي ويا.

رپورٽن مطابق ڪراچي جي علائقي منگهوپير ناردرن باءِ پاس وٽ ڊمپر موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي وڌو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار ٽئي نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويا. اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش عباسي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.