آمريڪا آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيج تي پاڪستان جي مخالفت نه ڪندو: فواد چوڌري

news

 اسلام آباد: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آمريڪا خاطري ڪرائي آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف)  کان بيل آئوٽ پيڪيج  وٺڻ ۾ مخالفت نه ڪندو.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته گذريل هفتي پاڪستان جو دورو ڪندڙ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو يقين ڏياريو آهي ته ته آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيج تي آمريڪا پاڪستان جي مخالفت نه ڪندو.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته مائيڪ پومپيو طرفان پاڪستان جي دوري کانپوءِ لاڳاپا بهتر ٿيا. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير جي پاڪستان اچڻ کان اڳ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا ڪٽيل هئا.