نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر جي پيرول تي آزادي ۾ ٽن ڏينهن جي واڌ

news

 لاهور: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع: پنجاب حڪومت نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر  جي پيرول تي آزادي ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽن مطابق بيگم ڪلثوم نواز جي وفات کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر کي حڪومت 12 ڪلاڪن لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو هو. ٽئي ڄڻا اڊيالا جيل مان پيرول تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ نور خان ايئربيس کان خاص اُڏام ذريعي رات اڍائي وڳي لاهور پهتا. جڏهن ته شريف خاندان طرفان آخري رسمن تائين 5 ڏينهن لاءِ پيرول تي آزادي جي درخواست ڏني وئي هئي.

پنجاب جي گهرو وزارت موجب نواز شريف، مريم نواز ۽ محمد صفدر جي پيرول ۾ تي آزادي ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي سمري پنجاب جي وڏي وزير کي موڪلي وئي آهي.

گهرو وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته ڪلثوم نواز جو مڙهه پاڪستان آڻڻ ۾ ڪنهن دير تي پيرول ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي ويندي جڏهن ته پيرول جي وڌايل مدو اڄ رات 12 وڳي کان شروع ٿيندو.

پنجاب جي گهرو وزارت جاتي امرا کي سب جيل قرار ڏيڻ وارن اطلاعن جي پڻ ترديد ڪئي آهي.