اٽلي ۾ نمونيا سبب ٻه ڄڻا فوت، سوين مختلف اسپتالن ۾ داخل

news

 روم: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع: اٽلي ۾ نمونيا سبب 2 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 235 ٿي ويو آهي.

اطالوي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب هيسيتائين 196 ماڻهو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، جنهن مان 9 انتهائي نگهداشت واري وارڊ جي شعبن ۾ آهن.  ان بيماري  ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو سبب  اڃا معلوم ناهي ٿي سگهيو.