پنجاب ڪابينا ۾ واڌ، وڌيڪ ٻارنهن وزيرن قسم کڻي ورتو

news

لاهور: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع: پنجاب ڪابينا جي وڌيڪ 12 وزيرن پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي.

رپورٽ موجب پنجاب ڪابينا جي وڌيڪ 12 وزيرن پنهنجي عهدي جو قسم کڻي ورتو آهي، حلف برداري تقريب گورنر هائوس لاهور ۾ ٿي، گورنر پنجاب چوڌري سرور وزيرن کان قسم ورتو، ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير عثمان بزدار، صوبائي وزيرن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.

حلف کڻڻ وارن وزيرن ۾ پير سيد سعيدالحسن شاهه، مهر محمد اسلم ڀروانا، سيد حسين جهانيان گرديزي، محمد اجمل، محمد اخلاق، آشفا رياض، شوڪت لاليڪا، زوار حسين وڙائڇ، محمد اختر، محمد خالد محمود، جهانزيب کچي ۽ اعجاز مسيح شامل آهن.

ياد رهي ته 27 آگسٽ تي پنجاب ڪابينا ۾ شامل 23 وزيرن حلف کنيو هو جڏهن ته محمد اڪرم چوڌري ۽ عون چوڌري وڏي وزير جي صلاحڪارن جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن.