انٽرنيشنل سوڪا ورلڊڪپ، قومي فٽ بال ٽيم شرڪت ڪندي

news

لاهور: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع: اسٽريٽ چلڊرن کانپوءِ هاڻ هڪ ٻئي قومي ٽيم فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جو موقعو ملي ويو.

انٽرنيشنل سوڪا ورلڊ ڪپ 23 کان 29 سيپٽمبر تائين پرتگال جي شهر لزبن ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ لاهور جي نوجوانن تي ٻڌل پاڪستاني ٽيم به شرڪت ڪري رهي آهي، قومي سوڪا ٽيم آفاق احمد جي قيادت ۾ سڪس اي سائيڊ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ 21 سيپٽمبر تي ڪراچي کان لزبن پرتگال رواني ٿيندي.

اسڪواڊ ۾ عبدالحنان، سمير، ظفر خان، زاهد محمود، وليد جمال، حيدر علي، عامر گوندل، سعد علي، عمر جاويد، عالمگير، ڪاشف، محمد زوهيب ۽ زبيع الله وڙائڇ شامل آهن.

رانديگرن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اسان کي به ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ جو موقعو ملندو، 2 مهينن کان ڪيمپ ۾ ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون ۽ خواهش آهي ته فائنل تائين رسائي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٽرافي سان وطن واپس موٽون.

ڪوچ طارق لطفي ان پليٽ فارم کي انهن نوجوان فٽبالرز لاءِ پاڻ کي مڃائڻ جو بهترين موقعو قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته جهڙي طرح سخت حبس جي موسم ۾ انهن ڇوڪرن محنت ڪئي آهي ان کي ڏسي رزلٽ به سٺي ايندي.