دنيا جي سڀ کان وڏي ٿري ڊي پرنٽر سان فوجي بيرڪ جي اڏاوت

news

نيويارڪ: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع: ڪنهن به فوج کي آپريشن جي دوران فوري سيڪيورٽي لاءِ بيرڪ جيان جاءِ گهربل هوندي آهي ۽ ٿري ڊي پرنٽر سان گهٽ خرچ جي تحت ٿوري وقت ۾ فوجي بيرڪ ٺاهي سپاهين جي مدد ڪري سگهجي ٿي، فوجي بيرڪ جو اهو نمونو آمريڪي رياست الينوئي جي شهر شيمپين ۾ ٺاهيو ويو آهي.

ايم سي ايس سي فوجي انجنيئر جي مدد سان اها بيرڪ ٺاهي آهي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪاٽ سان اها بيرڪ ٺاهي وڃي ته ان جي لاءِ 10 فوجين کي لڳاتار پنجن ڏينهن تائين ڪم ڪرڻو پوندو هو جڏهن ته روبوٽ اهو ڪم صرف ٻن ڏينهن ۾ پورو ڪيو ۽ هڪ ڪنڪريٽ بيرڪ تيار ڪري ورتي.

ان وڏي ٿري ڊي پرنٽر جي نلڪي جيان نوزل سان سيمنٽ خارج ٿيندو آهي ۽ متحرڪ پليٽفارم سان هموار انداز ۾ ڀتيون ٺاهيون وينديون آهن جڏهن ته دريون ۽ ڇت فوجي انجنيئرز کي پاڻ ٺاهڻيون پونديون، اهڙي طرح گهٽ ماڻهن جي طاقت سان اثرائتي انداز ۾ بيرڪ، جايون ۽ آفيسون اڏي سگهجن ٿيون.

فوجي بيرڪ کان علاوه ٿري ڊي پرنٽر قدرتي آفتن ۽ حادثن جي صورت ۾ فوري طور تي گهٽ خرچ جاين جي اڏاوت ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا.