صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

news

اسلام آباد: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع: صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي شام چار وڳي طلب ڪري ورتو آهي.

صدر نئين پارلياماني سال جي شروعات تي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس به جمعي تي شام چار وڳي طلب ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي به طلب ڪيو ويو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو، صدارتي خطاب سان پارلياماني سال جي شروعات ٿي ويندي.

10 سيپٽمبر تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي صدارت هي پارليامينٽ هائوس ۾ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ قائما ڪميٽيو جوڙڻ، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۽ قومي اسيمبلي جي شيڊول موجب اجلاس تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

اجلاس ۾ سمورين پارٽين جي مشاورت کانپوءِ 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس کي خطاب ڪري پارلياماني سال جي شروعات ڪندو جڏهن ته 14 سيپٽمبر تي نئين قومي اسيمبلي جو معمول جو باقاعدا اجلاس شروع ٿيندو.

اجلاس ۾ قائمه ڪميٽين جي ورهاڱي جي حوالي سان به مشاورت ٿي ۽ اڳوڻو طريقيڪار برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.