شهدادپور ۾ چاچي هٿان ڪهاڙين جا وار ڪري ڀائٽيو قتل
سيف ال عباس ساند | 5 مھينا پھريان

فاٸيل فوٽو
شهدادپور: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع:سرهاڙي ٿاڻي جي ڳوٺ امير بخش ٽالپر ۾ چاچي محمد بخش ٽالپر گھرو اڻبڻت تان پنھنجي نوجوان 20 ورهين جي ڀائٽي دلدار ٽالپر کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار چاچو ڪھاڙي سميت سرھاڙي ٿاڻي تي پوليس وٽ پيش ٿيو.
اطلاع تي سرهاڙي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ شهدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال روانو ڪيو، جتان ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي اسپتال ۾ مقتول نوجوان جي والد محمد جمن ٽالپر دانهون ڪندي چيو ته منهنجي پٽ کي بيگناهه قتل ڪري منهنجو گھر تباھ ڪيو آهي.
رابطو ڪرڻ تي سرهاڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام النبي ڀٽي ٻڌايو ته چاچي ۽ ڀائٽي ۾ ڇهن مهينن کان ذاتي ناراضگي هلندڙ هئي، جنهن ڪري نقصان ٿي ويو آهي. وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون.01

150