ديامر ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ پري ڪواليفڪيشن مرحلي جي شروعات

news

اسلام آباد: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع: ديامر ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ پري ڪواليفڪيشن مرحلي جي شروعات ٿي وئي.

واپڊا ترجمان موجب ديامر ڀاشا ڊيم جي اڏاوت جي لاءِ ملڪي ۽ عالمي ڪمپنين پري ڪواليفڪيشن لاءِ بڊز جمع ڪرائين.

ترجمان موجب 5 جوائنٽ وينچرز ڊيم جي اڏاوت لاءِ پري ڪواليفڪيشن بڊز جمع ڪرائين. واپڊا ترجمان موجب پري ڪواليفڪيشن بڊز جي جاچ قاعدن جي تحت ڪئي ويندي.

ياد رهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار طرفان ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيمز جي اڏاوت لاءِ فنڊ جو اعلان ڪيو ويو هو.