ڪراچي ۾ ننڍن ڀائرن جو وڏي ڀاءُ جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڪراچي: اربع 12 سيپٽمبر 2018ع:ڪراچي جي سچل ڳوٺ ايف بلاڪ جي بيواهه پيرسن 80 سالن جي مسمات زبيده لنڊ جي گهر تي سندس وڏي پٽ قبضو ڪري ماءُ ۽ ننڍن ڀائرن کي گھر مان ڪڍي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ زاهد لنڊ، فهد لنڊ، عابد لنڊ ۽ اسدالله لنڊ سچل ڳوٺ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري گهرن تي قبضو ڪندڙ ڀاءُ خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ زاهد ۽ فهد لنڊ دانهيندي چيو ته اسان جي وڏي ڀاءَ شاهد لنڊ کي اسان جي والد پنهنجي حياتي ۾ ملڪيت جو حصو ڏئي اسان کان الڳ ڪري ڇڏيو هو پر والد جي وفات کانپوءِ هو اسان جي گهر تي قبضو ڪري ويهي رهيو آهي ۽ اسان سان گڏ اسان جي پيرسن امڙ به رهي پئي، جنهن کي پڻ هن گھر مان بي دخل ڪيو آهي.

هنن چيو ته ناحق خلاف احتجاج ڪرڻ تي وڏو ڀاءَ  شاهد ۽ ٻيا ڀائر غلام مجتبي، غفار ۽ خالد ملي ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن، پوليس کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو به قدم نه ٿو کنيو وڃي، ڇاڪاڻ ته شاهد لنڊ لينڊ مافيا جو بااثر ماڻهو آهي ۽ اسان سڀني ننڍن ڀائرن ۽ پيرسن امڙ کي هن مان جان جو خطرو آهي.

اسين وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان جي ملڪيت تي قبضو ڪري ڌمڪيون ڏيندڙ ڀائرن خلاف قدم کڻي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.01