ٽنڊوڄام ويجهو ڪپھ جي فيڪٽري کي باھ وڪوڙي وئي، لکين رپين جو نقصان

news

ٽنڊوڄام:اربع 12 سيپٽمبر 2018ع:  ٽنڊوڄام ويجھو حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي راھوڪي وٽ واقع ڪپھ جي فيڪٽري کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي. جنھن جي نتيجي ۾ فيڪٽري ۾ پيل چار ھزار مڻ ڪپھ جو ڪافي حصو سڙي رک ٿي ويو.

فيڪٽري کي لڳل باھ کي وسائڻ لاءِ ٽنڊوڄام ۽ حيدرآباد مان چار فائر برگيڊون پهچي ويون، جن ٻن ڪلاڪن بعد باهه تي ضابطو آڻي باهه وسائي ڇڏي.

جڏهن ته راھوڪي پوليس موجب فيڪٽري ۾ کليل آسمان هيٺ پيل ڪپھه کي باھ لڳي آھي، جنهن سبب اڍائي لک رپين کان وڌيڪ جي ڪپهه سڙي رک ٿي وئي آهي، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي، جڏهن ته باھ لڳڻ  جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.01