ڪلوئي ۾ معصوم ٻارڙي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت

news

ڪلوئي:اربع 12 سيپٽمبر 2018ع:  ڪلوئي شهر جي پاڙي ڪنڀار محلي ۾ ٽن ورهين جي معصوم ٻارڙي سائقه ڌيءَ اشرف ڪنڀار راند ڪندي پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري پئي.

جنهن کي وارثن پاڻي مان ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر ڪلوئي کڻائي آيا، پر ٻارڙي اڳ ۾ ئي فوت ٿي چڪي هئي. هوڏانهن معصوم ٻارڙي جو مڙهه گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.01