ڄامشورو ضلعي ۾ ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخلا ڏيارڻ لاءِ مهم هلائي ويندي: نسرين خان

news

 ڄامشورو: خميس 13 سيپٽمبر 2018ع: ڄامشورو ۾ سماجي تنظيم ٿرديپ پاران معياري تعليم تائين رسائي جي سلسلي ۾ ٿرديپ آفيس ۾ گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻي ۾ مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، تعليم کاتي سان لاڳاپيل عملدارن توڙي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سماجي تنظيم جي اڳواڻن نسرين خان، نورين مغل ۽ سينيئر صحافي جئه پرڪاش جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ بنيادي تعليمي نظام تباهي ڪناري پهتل آهي، اسڪولن کي تالا لڳل آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون تباهه آهن، جن ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

هنن چيو ته ڄامشورو ضلعي ۾ ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخلا ڏيارڻ لاءِ مهم هلائي ويندي، جنهن ۾ هتان جي ساڃاهه وندن جو سهڪار گهربل آهي.

گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي نورين مغل جو چوڻ هو ته انگن اکرن مطابق ڄامشورو ضلعي ۾ هڪ لک 5 هزار هڪ سئو ڇهه ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جن جي داخلا ڪرائڻ لاءِ مهم هلائي ويندي.