فيس بڪ جعلي خبرن جي وڊيو ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

 ڪيلفورنيا: ڇنڇر 15 سيپٽمبر 2018ع: فيس بڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي خبرن سان لاڳاپيل تصويرن ۽ وڊيوز جي جديد ترين ٽيڪنالوجي ذريعي جاچ ڪندو ته جيئن سوشل ميڊيا کي هٿ ٺوڪين خبرن جو پليٽ فارم بڻجڻ کان بچائي سگهجي.

جاري ڪيل بلاگ ۾ چيو ويو آهي ته پهرين مرحلي ۾ 17 ملڪن کان ايندڙ خبر ۽ مضمونن سان لاڳاپيل وڊيوز ۽ تصويرن جا هٿرادو ذهانت (آرٽيفيشل انيٽليجنس يا اي آءِ) ذريعي جائزو ورتو ويندو. ان موقعي تي فيس بڪ جي پروڊڪٽ مئنيجر اينٽونيا ووڊفورڊ چيو آهي ته هن مشين لرننگ ماڊل ٺاهيو آهي، جيڪو تصديق ڪرڻ وارن کي جعلي تصويرن ۽ وڊيوز جي نشاندهي ۾ مدد ڪندو، جنهن لاءِ 17 ملڪن ۾ موجود 27 ڀائيوار ادارا پڻ پنهنجو ڪم ڪندا.

ووڊ فورڊ ٻڌايو ته فيس بڪ ۽ ان سان لاڳاپيل ڪيترائي ادارا تصوير جي ميٽا ڊيٽا، ريورس اميج سرچنگ، وڊيو ۽ تصوير وٺڻ واري وقت ۽ ٻين طريقن سان ان جي جعلي يا تصديق ۾ مدد ڏيندا. فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر ئي جعلي تصويرن، خبرن ۽ وڊيو جي پهرين خارج ڪندڙ جاين کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته جعلي تصويرون عام راءِ کي تبديل ڪنديون آهن، ايسيتائين جو چونڊن تي پڻ اثر انداز ٿينديون آهن. ان سلسلي ۾ خاص طور سياسي ڌريون ڪيترائي ڀيرا فيس بڪ سان رابطو ڪري چڪيون آهن ۽ فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر جا ٻه اعليٰ اهلڪار ڪيپٽل بل جو دورو پڻ ڪري چڪا آهن.

فيس بڪ باني ۽ سربراهه مارڪ زڪربرگ پڻ پنهنجي بيان ۾ اعتراف ڪيو آهي ته 2016ع جي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت کانپوءِ هاڻي سندس ڪمپني ٽينڪالوجي ۽ ماهرن جي مدد سان ان مسئلي تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.