گئس جي قيمت ۾ واڌ لاءِ نئين سمري اقتصادي ڪميٽي ڏانهن رواني

news

 اسلام آباد: آچر 16 سيپٽمبر 2018ع: گئس جي قيمت ۾ واڌ لاءِ سمري اقتصادي رابطا ڪميٽي کي ٻيهر رواني ڪئي وئي آهي.

رپورٽن مطابق وفاقي حڪومت گئس جي قيمتن ۾ 46 سيڪڙو واڌ رد ڪرڻ واري قدم تي نظرثاني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي هدايت جي روشني ۾ ٻيهر قيمتن ۾ واڌ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ نئين سمري ڪابينا جي اقتصادي ڪميٽي ڏانهن اماڻي وئي آهي.

ناڻي واري وزير اسد عمر گئس جي قيمتن جو جائزو وٺڻ لاءِ سڀاڻي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو آهي.