بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جاتي امرا پهتا، نواز شريف سان تعزيت

news

لاهور: آچر 16 سيپٽمبر 2018ع: پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ سندس گهرواري جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو.

پيپلز پارٽي جو وفد نواز شريف جي گهرواري جي تعزيت لاءِ جاتي امرا لاهور پهتو جڏهن ته وفد ۾ آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، شيري رحمان، قمرالزمان ڪائرا، راجا پرويز اشرف ۽ فرحت الله بابر شامل آهن.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻن نواز شريف سان سندس گهرواري ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ مرحوما جي لاءِ مغفرت جي دعا به ڪئي.

ان موقعي تي آصف زرداري جو چوڻ هو ته بنا شڪ بيگم ڪلثوم نواز بهادر عورت هئي، قوم جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ سندس جدوجهد کي ياد رکيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو شريف خاندان لاءِ تمام وڏو صدمو آهي، شريف خاندان ۽ مسلم ليگ ن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ان موقعي تي چيو ته آخري وقت ۾ ڪلثوم نواز سان گڏ نه هجڻ تي سڀ کان وڌيڪ تڪليف ٿي، پيپلز پارٽي جي قيادت جو شڪرگذار آهيان جو هن تڪليف ۾ اسان جو ساٿ ڏنو.

نواز شريف جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جو وفد ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ۾ به شريڪ ٿيو ۽ اڄ به پارٽي وفد سان گڏ آيا جنهن تي آصف زرداري جو شڪرگذار آهيان.