ڪلوئي ۾ عجيب ٻار جي پيدائش، ڳوٺاڻا پريشان

news

ڪلوئي: آچر 16 سيپٽمبر 2018ع: ڪلوئي ويجهو ڳوٺ مهرانڊ ڍنڍ ۾ ايسرو ميگهواڙ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻار سموري ڳوٺ کي پريشان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻار ڇهن مهينن جو هو ته الٽرا سائونڊ مان خبر پئي ته ٻار عام ٻارن کان مختلف ۽ وڌيڪ وزني آهي، ٻار جون ٻانهون ۽ ٽنگون پڻ ڊگهيون ۽ هٿن پيرن جون ڇهه ڇهه آڱريون هيون، جڏهن ته ٻار جا ڏند پڻ واضع نڪتل هئا.

ٻار ڇهن مهينن جو هجڻ باوجود سندس وزن عام ٻار کان وڌيڪ هو، جڏهن  ته ٻار جو چهرو پڻ عجيب ۽ انساني چهرن کان مختلف هو، ڳوٺاڻن موجب 2010 واري مها ٻوڏ کانپوءِ ساڳي ڳوٺ ۾ اهڙا اٺ کان ڏھ ٻار پيدا ٿيا آهن.

جڏهن ته مقامي ڊاڪٽرن موجب جر جو کارو ۽ سينئارڪو پاڻي واپرائڻ سبب اهڙا ٻار ڄمن ٿا. واضع رهي ته مهرانڊ ڍنڍ جي ڀرپاسي ۾ جر جو پاڻي کارو ۽ سينئارڪو آهي.01

c