صنم سعيد جي ٻه سال کانپوءِ ننڍي اسڪرين تي واپسي

news

ڪراچي: سومر 17 سيپٽمبر 2018ع: پاڪستاني اداڪارا صنم سعيد پنهنجي نئين ڊرامي سان ننڍي اسڪرين تي واپس اچي رهي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي شاندار اداڪاري سان شوقينن جون دليون کٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

تفصيل موجب پاڪستاني اداڪارا صنم سعيد ۽ اداڪار محب مرزا ننڍي اسڪرين تي هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار واپسي ڪري رهيا آهن، ٻنهي جو نئون ڊرامو ديدن تمام جلد نجي چينل تان نشر ڪيو ويندو.

اداڪارا صنم سعيد ٻه سالن کانپوءِ ڊرامي ديدن سان ننڍي اسڪرين تي واپسي ڪئي آهي، جنهن ۾ هوءَ ريشم جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪا قبائلي نظام جي خلاف بغاوت ڪري ٿي.