عاليا ڀٽ پاران هڪ ڀيرو ٻيهر رنبير لاءِ محبت جو اظهار

news

ممبئي: سومر 17 سيپٽمبر 2018ع: بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي گهري دوست رنبير ڪپور جي لاءِ محبت جو اظهار ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ جي چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور ۽ اداڪارا عاليا ڀٽ جي دوستي جون خبرون هاڻ ڪنهن کان ڍڪيل ناهن، ٻئي ڄڻا لڪيل لفظن ۾ هڪ ٻئي سان محبت جو اظهار ڪري چڪا آهن جڏهن ته ٻنهي جي خاندان به سندن رشتي جي حوالي سان تمام گهڻا خوش آهن.

هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪارا عاليا ڀٽ رنبير ڪپور جي انسٽاگرام تي تصوير شيئر ڪئي ۽ محبت جو اظهار ڪندي لکيو ته رنبير سان هوءَ تمام گهڻي خوش آهي.