ڀارتي گهوٽ ڪنوار لاءِ شادي ۾ پنج ليٽر پيٽرول جو تحفو

news

دلي: سومر 17 سيپٽمبر 2018ع: شادي جي موقعي تي گهوٽ ڪنوار جا مائٽ ۽ دوست انهن کي تحفن سان نوازيندا ئي آهن، پر جيڪڏهن ڪنهن کي زندگي جي ان يادگار ڏينهن تي پيٽرول جو تحفو ملي ته يقينن ان جا تاثرا ڏسڻ وٽان هوندا.

ڀارتي خابرو اداري موجب ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ٿيندڙ هڪ شادي جي تقريب ۾ به گهوٽ جي دوست نئين جوڙي جي لاءِ 5 ليٽر پيٽرول جو ڪين کڻي آيو ۽ تحفو قبول ڪرڻ وقت گهوٽ ڪنوار جي چهرن تي ايندڙ مسڪراهٽ ڏسڻ جي لائق هئي.

اهو منظر ڏسي تقريب ۾ موجود سمورن ماڻهن کلڻ شروع ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته تامل ناڊو ۾ اڀرت جي ٻين رياستن جي مقابلي ۾ پيٽرول جون قيمتون سڀ کان وڌيڪ آهن، جتي پيٽرول 85.15 روپيا ليٽر وڪرو ٿي  رهيو آهي.

گهوٽ جي دوست موجب وڌندڙ قيمتن سبب ئي هن شادي ۾ پنهنجي دوست کي پيٽرول جو تحفو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.