مصر ۾ ابوالهول جو ٻاويهه صديون پراڻو مجسمو هٿ

news

دمشق: سومر 17 سيپٽمبر 2018ع: ابوالهول جو اهو مجسمو مصر جي ڏاکڻي شهر اسوان ۾ کوٽائيدوران مليو، مصري قديمي آثارن موجب مجسمو امڪاني طور تي بادشاهه بطليموس پنجين جي دور سان تعلق رکي ٿو.

قديمي آثارن جي مصري ماهرن اسوان جي علائقي جي هڪ معبد مان ابوالهول  جو هڪ مجسمو دريافت ڪيو آهي جيڪو امڪاني طور تي بطليموس پنجين جي دور، يعني ٻئين صدي قبل مسيح سان تعلق رکي ٿو.

مصر جي قديمي آثارن واري کاتي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مصطفيٰ وزيري آچر تي پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته اهو مجسمو امڪاني طور تي مصري بادشاهه بدليموس پنجين جي دور سان تعلق رکي ٿو ۽ ان کي ڪوم امبو معبد جي هڪ ڀت مان کوٽي ڪيو ويو.

کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالمنعيم ٻڌايو ته ريگي پٿر سان ٺهيل ان مجسمي جي هٿ ٿيڻ واري جاءِ جي آس پاس کوٽائي جاري رهندي ته جيئن ان جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي.