سائسندانن پاران ڪينسر جي نئين دوا تيار ڪرڻ جي دعويٰ

news

حيدرآباد: سومر 17 سيپٽمبر 2018ع: طبي ماهرن چمڙي جي ڪينسر جي علاج لاءِ نئين دوا تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

آمريڪي ماهرن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن چمڙي جي ڪينسر جي سلسلي ۾ نئين ويڪسين تيار ڪئي آهي جنهن کي ڪوئن تي آزمائڻ کانپوءِ ان جا 100 سيڪڙو نتيجا سامهون آيا آهن.

نئين تحقيق جي دوران ماهرن ان نئين ويڪسين ۾ اميونو ٿراپي جي اثرائتي دوا ۽ هڪ ڪيميڪل شامل ڪئي آهي.

جڏهن ان کي ڪوئن تي آزمايو ويو ته ان کي چمڙي جي ڪينسر جي هڪ سخت قسم ميلانوما جي خلاف اثرائتو ڏٺو ويو.