چنڊ تي ويندڙ پهرئين پرائيويٽ سياح جي نالي جو اعلان

news

نيويارڪ: اڱارو 18 سيپٽمبر 2018ع: آمريڪي ايرو اسپيس مينوفيڪچر ڪمپني اسپيس ايڪس چنڊ جي سير تي ويندڙ پنهنجي پهرئين پرائيويٽ سياح جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسپيس ايڪس طرفان سماجي رابطن وري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي اعلان ڪيو ويو ته جاپاني ارب پتي، فيشن ماهر ۽ آرٽ ڪيوريٽر يوساڪا مائي زاوا اهو خوشنصيب آهي جيڪو 2023ع ۾ چنڊ جي سير تي ويندو.

ياد رهي ته اسپيس ايڪس 14 سيپٽمبر تي اعلان ڪيو هو ته ڪمپني هڪ پرائيويٽ مسافر سان معاهدو ڪيو آهي، جيڪو بي ايف راڪيٽ ۾ چنڊ جي چوڌاري سير ڪندو.

وڌيڪ چيو ويو هو ته اهو عام انسان جي لاءِ اهم قدم آهي، جيڪو خلا جو سفر ڪرڻ چاهي ٿو، 17 سيپٽمبر تي خبر پوندي ته ان سفر تي ڪير ۽ ڇو وڃي رهيو آهي.

هاڻ ڪمپني پنهنجي ان پرائيويٽ سياحي جي نالي جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسپيس ايڪس موجب هينئر تائين صرف 24 انسان چنڊ تي وڃي سگهيا آهن ۽ 1972ع جي اپولو مشن کانپوءِ ڪنهن به چنڊ جو سفر نه ڪيو.