ڪوٽ جي بٽڻ جيترو ڊجيٽل ڊسپلي بيم

news

واشنگٽن: اڱارو 18 سيپٽمبر 2018ع: بيم ڪمپني هڪ ننڍو ڊسپلي تيار ڪيو آهي جيڪو گف جي صورت ۾ ڊسپلي ظاهر ڪندو آهي، ان کي مشهوري يا ڪنهن کي توجهه ڏيارڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو پر ان جي قيمت پاڪستاني 10 هزار روپين جي برابر آهي.

ڪوٽ جي بٽڻ جي جسامت جو گول ڊسپلي روزاني جي بيناد تي نيون گفس ڏيکاريندو آهي، بيم جا گهڻا ئي استعمال آهن مثال طور ان کي ڪپڙن تي لڳائي سگهجي ٿو ۽ هينڊ بيگ ۾ لڳائي سگهجي ٿو، پروگرامن وسيلي اوهان ان ۾ من پسند گفس به شامل ڪري سگهو ٿا.

ان جي ڊسپلي 45 درجا زاوئي سان به آساني سان ڏسي سگهجي ٿي، ان جي ڪري ئي اهو مضبوط مقناطيس وسيلي ڪپڙن تي لڳايو ۽ ڏسي سگهجي ٿو.

جڏهن ته ڪجهه ماڻهن شڪايت ڪئي آهي ته ان جي سائز ايتري ننڍي آهي جو هڪ فٽ ُيجهو وڃي ڏسڻو پوي ٿو جو آخر گف ڪهڙي آهي ۽ ان جو مطلب ڇا آهي؟.