ايشيا ڪپ: پاڪ فوج پاران قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

news

 راولپنڊي: اربع 19 سيپٽمبر 2018ع: پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

رپورٽن مطابق پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ايشيا ڪپ لاءِ پاڪ_ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ٿيندڙ مئچ تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سٺي مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.