يمن ۾ پنجاهه لک ٻارن جون حياتيون ڏڪار سبب خطري ۾

news

 واشنگٽن: اربع 19 سيپٽمبر 2018ع:  امداد واري تنظيم (سيو دي چلڊرين) خبردار ڪيو آهي ته وڳوڙ سٽيل ملڪ يمن ۾ 50 لک کان وڌيڪ ٻارن کي ڏڪار جي صورتحال درپيش اچي سگهي ٿي.

عالمي ميڊيا ذريعن موجب ان تنظيم طرفان اربع ڏينهن جاري ڪيل هڪ تازي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن حديده جي هوائي اڏي کي نقصان پهچايو ويو ۽ اهو بند ٿي ويو ته نتيجي ۾ سوين ٻارن جو موت ٿيڻ جو خطرو آهي.

حديده اهو مرڪزي ايئرپورٽ آهي جتان امدادي سامان جي آمد رفت جاري رهي ٿي ۽ ان سلسلي ۾ خلل سان لکين ٻارن جون حياتيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون.