شلپا شيٽي بالي ووڊ ۾ واپسي لاءِ تيار

news

 ممبئي: اربع 19 سيپٽمبر 2018ع: بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي چيو آهي ته هو بالي ووڊ ۾ واپسي لاءِ تيار آهي.

ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن جي رپورٽ مطابق 43 سالن جي اداڪاره جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن کي ڪنهن سٺي ڪردار جي آڇ ٿي ته هو ٻيهر اداڪاري ڪرڻ چاهيندي. واضح رهي ته اداڪاره شلپا شيٽي آخري ڀيرو 2007ع ۾ فلم ”اپني“ ۾ نظر آئي هئي.