شريعت ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم، پنجاب ۾ عربي مضمون لازمي پڙهائڻ جي اجازت

news

 اسلام آباد: اربع 19 سيپٽمبر 2018ع: سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۾ عربي مضمون پڙهائڻ خلاف شريعت ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٻن ميمبرن واري بئنچ پنجاب ۾ عربي مضمون لازمي پڙهائڻ جي شريعت ڪورٽ جي فيصلي خلاف پنجاب حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي. پنجاب حڪومت جي وڪيل قاسم چوهاڻ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته شريعت ڪورٽ کي فيصلي جو اختيار نه هو، معاملن ۽ عبادتن ۾ فرق آهي، عبادتن جو نفاذ ٿي سگهي ٿو جڏهن ته معاملن جو نفاذ سختي سان نٿو ٿي سگهي.

عدالت پنجاب حڪومت جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ صوبائي حڪومت جي اپيل منظور ڪندي اسڪولن ۾ عربي مضمون لازمي پڙهائڻ خلاف شريعت ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.