ريڊ ڪارڊ ڏيکارڻ تي ڪرسٽيانو رونالڊو روئي ڏنو

news

 بارسلونا: خميس 20 سيپٽمبر 2018ع: يوئيفا چيمپئنز ٽرافي جي شروعات ۾ ئي امپائر پاران ريڊ ڪارڊ ڏيکارڻ تي ميدان مان ٻاهر وڃڻ تي ڪرسٽيانو رونالڊو روئي ويٺو.

رپورٽن مطابق يوئيفا چيمپيئنز ليگ جي شروعات جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو لاءِ خوشگوار ثابت نه ٿي. اطالوي فٽبال ڪلب يووينٽيس سان پنهنجي ڊيبيو ميچ ۾ پرتگالي فٽبالر کي راند جي پهرين هاف ۾ ئي ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان مان ٻاهر ڪڍيو ويو.

اسٽار فٽبالر رونالڊو ۽ اطالوي فٽبال ڪلب يووينٽيس جي رانديگرن ريفري جي فيصلي تي شديد احتجاج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته مخالف ٽيم جو دفاعي رانديگر پاڻ زمين تي ڪريو ۽ زخمي ٿيڻ جي اداڪاري رهيو هو، رونالڊو کيس اٿارڻ لاءِ مٿي تي رکيو هو. اطالوي رانديگرن جي احتجاج تي ميدان جي ڪناري تي موجود ساٿي ريفري سان به مشاورت ڪئي وئي ۽ مشهور فٽبال رونالڊو کي ريڊ ڪارڊ ڏيکاري ميدان تي ٻاهر وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو.

راند جي پهرين ئي هاف ۾ ميدان مان ٻاهر ٿيڻ تي سپر اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو  رونالڊو مايوس ٿي روئڻ لڳو، سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ چهرو ڏک جي تصوير بڻجي ويو.