ٽائيگر شيروف به هالي ووڊ ۾ انٽري لاءِ تيار

news

 ممبئي: خميس 20 سيپٽمبر 2018ع: دپيڪا ۽ پريانڪا کانپوءِ هاڻي ڀارتي اداڪار ٽائيگر شيروف به هالي ووڊ ۾ انٽري جي تياري ڪري رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا کانپوءِ هاڻي اداڪار ٽائيگر شيروف به هالي ووڊ ۾ قدم رکڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ممبئي ۾ مشهور هالي ووڊ فلم مورٽل ڪومبٽ جي پروڊيوسر لارنس ڪيسن آف نهايت خاموشيءَ سان ٽائيگر شيروف سان ملاقات ڪئي ۽ فلم پروجيڪٽ بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون.

ڀارتي ميڊيا موجب ٽائيگر شيروف جي بالي ووڊ فلم پروڊيوسر سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته گلشن گرور جي پٽ سنجي گرور هالي ووڊ فلم لاءِ ٽائيگر شيروف جو نالو ڏنو آهي.