حضرت حسين عه ۽ اسلام جي شهيدن جون زندگيون مسلمانن لاءِ مشعل راهه آهن: مولانا فضل الرحمان

news

 پشاور: جمعو 21 سيپٽمبر 2018ع: جي يو آءِ جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حضرت حسين عه ۽ اسلام جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو سڀ کان بهترين نموني اهو آهي ته اڄ اسان عهد ڪريون ته اسان پنهنجي زندگي کي ڪربلا جي شهيدن جي ڏنل قربانين جي روشني ۾ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين.

هن چيو ته اسلام جي حقيقي تصور ۽ روح کي مسخ ڪندڙ باطل طاقتن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسان هڪ آهيون. هن چيو ته حضرت حسين عه ۽ اسلام جي شهيدن جون زندگيون مسلمانن لاءِ مشعل راهه آهن. هن چيو ته خلفاءِ راشدين جو نظام لاڳو ڪرڻ ۽ امام حسين عه جي پيغام تي عمل ڪرڻ سان ئي ملڪ بحران مان آزاد ٿي سگهي ٿو.

فضل رحمان چيو ته اڄ اسان کي وطن جي حالتن کي ڏسندي اسان کي پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪري گڏ بيهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۽ اسلام دشمن طاقتون پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي ڏسڻ نٿيون چاهين. هن چيو ته پاڪستان کي خطري ۾ وجهڻ لاءِ ملڪ دشمن طاقتون زور لڳائي رهيون آهن جن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.