ايشيا ڪپ: پاڪستان ۽ افغانستان اڄ آمهون سامهون

news

 دبئي: جمعو 21 سيپٽمبر 2018ع: ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سپر فور مرحلي ۾ پاڪستاني ٽيم ٽورنامينٽ جي خطرناڪ ٽيم افغانستان سان مقابلو ڪندي. هن مئچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ ٻن تبديلين جو امڪان آهي.

تجربو رکندڙ فاسٽ بالر محمد عامر ۽ فهيم اشرف کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن جي جاءِ تي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ۽ اسپنر حارث سهيل کي کيڏايو ويندو.

افغانستان ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ مئچ شيخ زيد اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ کيڏيو ويندو، مئچ جي شروعات پاڪستاني وقت ساڍي 4 وڳي ٿيندي.