آمريڪا فوجي اداري تي پابندي جلد ختم ڪري يا نتيجن لاءِ تيار ٿي وڃي: چين

news

 بيجنگ: جمعو 21 سيپٽمبر 2018ع: آمريڪا روس کان ويڙهاڪ جهاز ۽ ميزائل سسٽم خريد ڪرڻ تي چين جي هڪ فوجي اداري تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، جنهن تي چين آمريڪا کي تنبيهه ڪئي آهي ته هو جلد پنهنجي ان غلطي کي صحيح ڪري ۽ پابندي ختم ڪري نه ته نتيجن لاءِ تيار ٿي وڃي.

خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيني ايجنسي تي پابندي لڳائڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته چيني فوج جي برانچ اڪنامڪ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ کاتي جي ڊائريڪٽر تي ترت پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ هاڻي اهي آمريڪين سان گڏ ڪاروبار نٿا ڪري سگهن.

آمريڪي پابندين جي ردعمل تي چين چيو آهي ته آمريڪا چيني فوجي اداري تي لاڳو ڪيل پابندي ختم ڪري نه ته نتيجن لاءِ تيار ٿي وڃي. بيجنگ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪي قدم سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي سخت نقصان پهتو آهي، اسان آمريڪا کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ترت پنهنجي ان غلطي کي صحي ڪري ۽ پابندي کي ختم ڪري، ٻي صورت ۾ هو نتيجن لاءِ تيار ٿي وڃي.