شھدادپور ۾ يوم عاشور وارو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو

news

 شھدادپور: جمعو 21 سيپٽمبر 2018ع: شھدادپور ۾ يوم عاشور وارو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھائي حضرت امام حسين عه ۽ ڪربلا جي ٻين شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. 

شھر اندر جمعي نماز کانپوءِ 30 کان وڌيڪ امام بارگاھن ۽ پڙن امام بارگاھ آل محمد، امام بارگاھ حيدرڪرار، امام بارگاھ سيف اللہ شاھ، جوت علي شاھ پڙ، حاڪم شاھ پڙ ۽ ٻين  مان ذوالجناح  جا ماتمي جلوس ۽ تعزيا  بر آمد ٿيڻ شروع ٿي ويا، جيڪي مرڪزي امام بارگاھ حسيني تي پھچي يوم عاشور جو گڏيل ھزارين عزادارن جو مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو، علي چوڪ ۾ مرڪزي ماتمي جلوس پھچڻ سان ئي زنجير زني، گرز زني ۽ تلوار زني ڪري زبردست ماتم ڪري ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا ڏني وئي.

علي چوڪ ۾ ماتم ۾ 200 کان وڌيڪ عزادار زخمي ٿي پيا، جن کي قائم ڪيل مختلف تنظيمن پاران ميڊيڪل ڪيمپن تي طبي امداد ڏني وئي، ڪيترن ئي عزادارن کي اسپتال نيو ويو. شھدادپور جي ماتمي جلوسن جي نگراني لاءِ 300 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ رينجرز جا جوان به مقرر ڪيا ويا. ماتمي جلوسن جي گذرندڙن سمورن  رستن کي پھريون ڀيرو پوليس سيل ڪري اچ وڃ لاءِ بند ڪيو.

امام بارگاھ حسيني مان نڪتل مرڪزي جلوس پوليس جي سخت سيڪيورٽي ھيٺ پنھنجن مقرر ۽ روايتي  رستن کان ٿيندو واپس پنھنجن پنھنجن امام بارگاھن ۽ پڙن تي پھچي نھر ٿيو، جلوس جي رستن تي شھرين پاران لنگر نياز ۽ سبيلن جو بندوبست ڪيو ويو هو.