چوهڙ جمالي ۾ يومِ عاشور وارو ڏهاڙو ملهايو ويو، عزادارن پاران سينا ۽ زنجير زني

news

 چوهڙجمالي: جمعو 21 سيپٽمبر 2018ع: پوري ملڪ جيان چوهڙجمالي ۾ به حضرت امام حسين عه جي عظيم شھادت جو ڏھاڙو عقيدت احترام سان ملهايو ويو.

ان سلسلي ۾ چوهڙ جمالي جي مرڪزي امام بارگاهه لاڻو فقير جي پڙ تان ڏھين محرم الحرام جي سلسلي ۾ يوم عاشور جو مرڪزي ماتمي جلوس برآمد ٿيو. پوليس پاران سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويا. چوهڙجمالي جي مرڪزي امام بارگاهه لاڻو فقير جي پڙ تان ڏھين محرم جو مرڪزي ماتمي جلوس نڪتو. جيڪو مقرر ڪيل رستن کان ٿيندو عيدن شاهه جوپڙ، مراد علي مرگهل جو پڙ سميت مختلف پڙن کان ٿيندو نهر فرات امام بارگاهه پهتو. جتي ظھرين نماز جي ادائيگي کانپوءِ جلوس حيدري چوڪ پهتو، جتي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي. جتي مولانا الطاف حسين ڪاظمي ۽ علي حسن سولنگي خطاب ڪيو.

تنهن کانپوءِ جلوس حسب معمول روايتي رستن کان ٿيندو سادات امام بارگاهه، ڪهيري امام بارگاهه سميت مختلف امام بارگاهن کان ٿيندو فضل عباس امام بارگاهه پهچي مغربين جي نماز بعد پنهنجي اڳئين منزل طرف روانو ٿيو، ان کان اڳ زنجير زني جي ماتم ۾ 35 کان وڌيڪ عزادار سخت زخمي ٿي پيا. ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي جي حوالي سان حفاظتي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

جلوس دوران ايس ايس پي سجاول مسعود بنگش پڻ چوهڙ جمالي پهچي چوهڙجمالي جي ايس ايڇ او شفيع محمد گولو کان امن امان متعلق ڄاڻ ورتي. جڏهن ته 4 ورهين جي معصوم ضمير حسين سولنگي پاڻ کي زنجيرن سان جڪڙي قيدين جهڙو روپ اختيار ڪيو ۽ ڪارا لٽا پهري اگهاڙين پيرن سان شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.