ڊونلڊ ٽرمپ پاران تيل پيدا ڪندڙ ملڪن کي ڌمڪي

news

 واشنگٽن: جمعو 21 سيپٽمبر 2018ع: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ کي قيمتون گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آمريڪي وچ اوڀر جي ملڪن جو تحفظ ڪري ٿو ۽ ان کانسواءِ هي ملڪ وڌيڪ دير تائين محفوظ نٿا رهي سگهن.